پڻي ۽ سراما

پڻي ۽ سراما (Panis and Sarama): رگ ويد موجب آرين ۽ پڻين جي وچ ۾ جنگيون لڳيون هيون. لڙاين کان تنگ ٿي، اندر ديوتا پڻين ڏانهن پنهنجو ايلچي سراما موڪليو. سراما پڻين سان گفتگو ڪئي. پڻين پهرين ته سراما کان اِندر ديوتا جو حسب نسب ۽ پڻين جي ديس (سنڌو) ۾ سرامن جي اچڻ جو مقصد پڇيو. ان کان پوءِ اِندر ديوتا کي خوش رکڻ ۽ ساڻس دوستي رکڻ لاءِ کيس پنهنجي چوپائي مال جي سار سنڀال لاءِ ڌنار مقرر ٿيڻ جي آڇ ڪئي. رگ ويد ۾ پڻين جي جنهن ديس جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سو سنڌ يا سنڌو نديءَ جو ڏاکڻو ڇيڙو ٿي سگهي ٿو. سنڌوءَ کي قديم زماني کان وٺي دريائن جي سرزمين (The Land of Rivers) سڏيو ويو آهي. رگ ويد ۽ ان جا سڀ مترجم ۽ شارح، ان ڳالهه تي متفق آهن ته پڻي لوڪ چوپايو مال پاليندا هئا ۽ گهوڙن جا شوقين هئا. وڏا واپاري هئا ۽ گهڻا شاهوڪار هئا.رگ ويد جي سڀني شارحن، مترجمن، مؤرخن ۽ محققن ائين لکيو آهي ته بِربو (Birbu)، جيڪو پڻين جو مهامنتري يا مُکي هو، سو واڍو هو. ٻيڙين ۽ ٻيڙن ٺاهڻ جو ماهر ۽ هڪ باهمت ۽ ايماندار پورهيت هو ۽ سنڌين وٽ پورهيو عبادت جو درجو رکندو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ان دور واري سماج ۾ پورهيت وڏيءَ اهميت وارا هئا، ان زماني ۾ سنڌ ديس ۾ پورهئي کي عزت ۽ قدر جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. هن جي چڱاين ۽ فضيلتن جو اعتراف رگ ويد جي شبدن ۾ آيل آهي. ’اِندر‘ ديوتا جي داسين به هن جي تعريف ۾ ڀڄن ڳايا آهن. اندر ديوتا هن ڏانهن سوين سوکڙيون به موڪليندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو